پاڪستان ريلوي جي سالياني رپورٽن ۾ اهم انڪشاف

اسلام آباد: پاڪستان ريلوي جي سال 2015 کان 2020 تائين جي سالياني رپورٽن ۾ ڪجهه اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب پاڪستان ريلوي جي اثاثن ۾ اضافي جي بجاءِ هر سال لاڳيتو گهٽتائي نظر اچي رهي آهي. انگن اکرن موجب 5 سال اڳ ريلوي وٽ 494 انجڻ هئا جيڪي هاڻ گهٽ ٿي 472 رهجي ويا جڏهن ته مسافر ڪوچز جو انگ 2015 ۾ هڪ هزار 511 هئو جيڪو هاڻ گهٽ ٿي هڪ هزار 378 ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح گڊز ويگن 5 سال اڳ 16 هزار 843 هئي جيڪا هاڻ گهٽ ٿي 14 هزار 327 ٿي وئي آهي. جڏهن ته 5 سال اڳ 80 هزار 804 ريلوي ملازم هئا  جنهن جو انگ گهٽ ٿي 67 هزار 627 ٿي ويو آهي. ريلوي جي هر شعبي ۾ گهٽتائي جي ابتڙ حادثن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن ۾ صرف  هلندڙ حڪومت جي گذريل اڍائي سالن جي حادثن جا تفصيل ڏنا ويا آهن جنهن موجب مختلف نوعيت جا ننڍا وڏا 427 حادثا ٿيا جنهن مان 229 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته 255 زخمي ٿيا. ريلوي کاتي جي انگن اکرن موجب 5 سال اڳ ريلوي اسٽيشنن جو انگ 456 هو جيڪو وڌي هاڻ 468 ٿي چڪو آهي.

ريلوي وٽ هڪ لک 67 هزار 690 ايڪڙ ايراضي آهي جڏهن ته چئني صوبن ۾ ريلوي جي هزارين ايڪڙ ايراضي تي ماڻهن جو ناجائز قبضو آهي. گذريل سال ريلوي 28 هزار 970 ايڪڙ ايراضي حددخلين کان خالي ڪرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔