سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق حوالي

ڪراچي : سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق حوالي ڪيون ويون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق حوالي ڪيون ويون آهن، سنڌ جون ٽئي اسپتالون وفاق جي ماتحت ٿي ويون آهن. ان کان اڳ ڪراچي جون هي اهم اسپتالون حوالي ڪرڻ بابت سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ اختلاف سامهون آيا هئا، سنڌ واضح طور تي چيو هو ته سنڌ جون اسپتالون ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي نه ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔