سنڌ هاءِ ڪورٽ زيادتي ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا لاءِ ڊي اين اي جو جديد نظام آڻڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جوابدارن کي جلد سزا ڏيارڻ بابت درخواست تي ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي فارينزڪ چيئرمين، ريفارم ڪميٽي ۽ چيف ٽيڪينڪل کي 26 جنوري تي طلب ڪري ورتو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته زيادتي ڪيسن جي جاچ ۽ جوابدارن کي جلد سزا ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟، پوليس سرجن ٻڌايو ته زيادتي ڪيسن جي جاچ جديد انداز ۾ ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، عدالت ڊي اين اي جو جديد نظام آڻڻ ۽ جاچ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔