پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سي ايم هائوس ۾ اهم گڏجاڻي دوران بلاول ڀٽو چيو ته، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، ڪجهه وزيرن جِي تبديلي ضروري آهي.  سينيٽ چونڊن بعد سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ چاهيان ٿو. بلاول چيو ته هاڻي انهن ضلعن کي ڪابينا ۾ نمائندگي ڏيڻ گهرجي، جن کي هيل تائين نمائندگي ناهي ملِي، پ پ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پنهنجن تڪن ۾ عوام جِي خدمت ڪرڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔