ليگي اڳواڻ خواجا آصف جسماني ريمانڊ تي 14 ڏينهن لاءِ نيب حوالي

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ليگي اڳواڻ خواجا آصف کي جسماني ريمانڊ تي 14 ڏينهن لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو، نيب هٿان گرفتار ٿيل خواجا آصف کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران نيب طرفان عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته خواجا آصف کان اثاثن بابت مڪمل جاچ ڪرڻي آهي، جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، نيب چيو آهي ته خواجا آصف جي 51 لک کان 81 ڪروڙ آمدني ٿي وئي، هن آمدني جا ذريعا ناهن ٻڌايا، هن پنهنجي زال ۽ ٻارڙن جي نالي تي به اثاثه ٺاهيا آهن، ان موقعي تي خواجا آصف جي وڪيل جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته نيب طرفان طلب ڪرڻ تي هي پيش ٿيندو رهيو آهي، معزز جج جسٽس جواد الحسن نيب جي استدعا منظور ڪندي خواجا آصف کي 14 جنوري تائين نيب حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت نيب کي هدايت ڪندي چيو ته خواجه آصف کان جاچ بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي کيس عدالت ۾ به پيش ڪيو وڃي، عدالت نيب کي اها به هدايت ڪئي ته خواجا آصف جي سندس گهر وارن ۽ عزيزن سان به ملاقات به ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔