مريم نواز پاران ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري مامري تي سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي اتفاق

لاڙڪاڻو: مريم نواز رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري مامري تي سنڌ حڪومت جي وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ ۽ قدمن تي اتفاق ڪري ورتو، نئون ديرو هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران مريم نواز کي وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ بابت آگاهي ڏني وئي، ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ جي ٻئين مرحلي تي به اتفاق، مريم نواز، بلاول، فريال ٽالپر، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري کي رائيونڊ اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا بلاول قبولي ورتي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز اڄ پارٽي اڳواڻن سان گڏ لاهور واپس رواني ٿي ويندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔