پاڪستان برطانيا کان ايندڙ مسافرن تي سفري پابنديون لڳائي ڇڏيون

اسلام آباد: پاڪستان برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم سامهون اچڻ کانپوءِ برطانيا کان ايندڙ اڏامن جي مسافرن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

ايوي ايشن ڊويزن جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پابندي جو فيصلو اڄ ٿيندڙ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اهو فيصلو برطانيا ۾ ڪورونا جي نئين قسم جي تيزي سان ڦهلجڻ تي ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب برطانيا کان ايندڙن لاءِ سفري پابندين جو نفاذ 22 ڊسمبر جي رات کان 29 ڊسمبر تائين هوندو ۽ اهي مسافر جيڪي گذريل 10 ڏينهن دوران برطانيا ۾ رهي چڪا آهن، انهن تي به پابندي جو نفاذ ٿيندو.

ايوي ايشن ڊويزن موجب برطانيا کان پاڪستان واپس ايندڙن لاءِ فلائٽ کان 72 ڪلاڪ پهرين پي سي آر نيگيٽو ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ گهر جي اندر هڪ هفتي لاءِ قرنطينه به لازمي ڪرڻو پوندو.

پڌرائي موجب هڪ هفتي دوران برطانيا کان ايندڙ سڀني مسافرن جو ڪورونا ٽيسٽ به ڪرايو ويندو. سول ايوي ايشن کي پابندي جي فيصلي تي عملدرآمد جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔