خيرپور سول اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم ميمڻ تي مبينا حملو، زخمي

خيرپور: خيرپور سول اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم ميمڻ تي مبينا حملي جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. حملي خلاف ميمڻ برادري ٺيڙهي باءِ پاس تي ڌرڻو هينو. روڊ جَي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جوابدار خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ٽائيم نيوز کي هٿ آيل سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ جوابدارن کي اسپتال اندر داخل ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ڪليم چيو ته اڻڄاتل جوابدارن ڀتو نه ڏيڻ تان آفيس ۾گهڙي تشدد جو نشانو بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔