پي سي بي پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي تيارين جو آغاز ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل ڇهين ايڊيشن جي تيارين جو آغاز ڪري ڇڏيو جنهن بابت پي ايس ايل جي فرنچائزز کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
شيڊول ونڊو موجب پي ايس ايل جو ڇهون ايڊيشن ڪرائڻ مجبوري آهي ۽ پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن کان اڳ پي سي بي ۽ فرنچائزز جي وچ ۾ ڪيترائي معاملا حل طلب آهن جنهن ۾ پي ايس ايل جو فنانشنل ماڊل سرفهرست آهي.
هن حوالي سان هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي پر پي سي بي شيڊول ونڊو موجب پي سي ايل جو ڇهون ايڊيشن ڪرائڻ مجبوري قرار ڏنو ويو آهي.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکي صورتحال جي باوجود فيبروري مارچ ۾ پي ايس ايل ڪرائڻ مجبوري آهي ڇو ته سڄي سال ۾ ان کان سواءِ پي ايس ايل لاءِ ونڊو موجود ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فرنچائزز کي پي ايس ايل لاءِ مجبورين کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔