تعليم کاتي سنڌ پي ايس ٽي ۽ جَي اِي ايس ٽي استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان ڊگريون کڻي انتظار ۾ ويٺل اُميدوارن کي آسرو پيدا ٿي ويو. تعليم کاتي پي ايس ٽي ۽ جَي اِي ايس ٽي استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، تعليم کاتي پاران جاري ٿيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ اُميدوارن کان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ طرفان ڇپايل ڪتابن مان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي، لکت ۾ ٽيسٽ لاءِ پهرئين حصي ۾ سائنس، رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا سبجيڪٽس شامل ڪيا ويا. ٻئين حصي ۾ انگريزي ۽ ٽئين حصي ۾ مادري ٻوليون، سماجي اڀياس ۽ اسلاميات جي مضمونن جا سوال هوندا. ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 55 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻ لازمي هونديون، استادن جِي ڀرتين لاءِ عورتن، معذورن ۽ اقيلتن جي ڪوٽا به رکيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔