اسلام آباد: اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو منصوبو ناڪام ، 3 دهشتگرد گرفتار

اسلام آباد: ڪائونٽر ٽيررازم  ڊپارٽمنيٽ راولپنڊي ۾  ڪارروائي ڪندي بم ڌماڪن ۾ ملوث 3  دهستگردن کي  گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آهي ته  دهشتگردن اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو منصوبو ٺاهي رکيو هو. گرفتار مبينه دهشتگردن کان بارودي مواد ۽ هٿيار  هٿ آيا آهن.  سي ٽي ڊي ترجمان موجب مبينه دهشتگرد راولپنڊي ۾ جنوري، مارچ، جون ۽ ڊسمبر ۾ ٿيندڙ ڌماڪن ۾ ملوث آهن. مبينه دهشتگردن کي ڳجهي اطلاع تي اڊياله روڊ تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

مبينه دهشتگردن 4 شهرين کي قتل ۽ 30 کان وڌيڪ  کي زخمي ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جاچ کان پوءِ خبر پئي آهي ته جوابدار تمام جلد اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا ۽ انهن جي قبضي  مان جديد هٿيار به مليا آهن.  مبينه دهشتگرد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم سان رابطي ۾ هئا ۽ انهن جي قبضي مان اسٽاڪ ايڪسچينج جو نقشو ۽ ٻيو اهم مواد به هٿ آيو آهي. 

سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته مبينه دهشتگردن کي وڌيڪ جاچ لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته جون 2020 ۾ راولپنڊي جي علائقي صدر ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو  هو  جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو هو. مارچ 2020 ۾ راولپنڊي جي صدر ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڪٻاڙي بازار ۾ ڪريڪر ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب  پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔