شيخ رشيد ۽ اعجاز شاهه جون وزارتون تبديل،عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ۾  ڦيرڦار ڪئي وئي آهي،  گهرو کاتي جو قلمدان اعجاز شاهه کان واپس وٺي وفاقي وزير شيخ رشيد حوالي ڪيو ويو، ريلوي کاتي جو قلمدارن اعظم سواتي کي ڏنو ويو، نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزارت وفاقي وزير اعجاز شاهه حوالي ڪئي وئي ، اڄ ئي وفاقي وزير طور حلف کڻندڙ حفيظ شيخ کي ساڳيو ناڻي کاتي وارو قلمدان ڏنو ويو، ايوان صدر ۾ تقريب دوران حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کنيو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان وڌيڪ ٻن صلاحڪارن عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آئيني اختيار استعمال ڪندي ڪنهن به اڻ چونڊيل شخص کي 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔