پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاھ شيرازي لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو: پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجازعلي شاھ شيرازي ڪراچي جي آغا خان اسپتال  ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اعجاز شاهه شيرازي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪجهه عرصي کان داخل هو، اعجاز شاهه شيرازي 1985ع ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو، اعجاز شاهه شيرازي 1984ع ۾ سياسي سفر شروع ڪيو، اعجاز شاھ شيرازي 6 ڀيرا سنڌ اسمبلي جو ميمبر رھيو ھن وقت وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ جو صلاحڪار ھو، اعجاز شاهه شيرازي جي لاڏاڻي تي ٺٽي، سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ٻين آسپاس جي علائقن ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. اعجاز شاهه شيرازي  جو جنازو 3 وڳي ٺٽي شھر مان کنيو ويندو ، ذريعن جو چوڻ آهي ته اعجاز شاهه شيرازي آغا خان اسپتال ۾ ڪورونا سبب داخل هو،  هُن ڪورونا کي شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔