ڏکڻ آفريقي ٽيم جنوري ۾ پاڪستان ايندي

لاهور :ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم 14 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
شيڊيول موجب ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم 16 جنوري تي ڪراچي پهچندي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جيڪا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هوندي.
سيريز جي پهرين ٽيسٽ 26 کان 30 جنوري تائين ڪراچي، جڏهن ته ٻي ميچ 4 کان 8 فيبروري تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔