سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ پوليس جو هڪ ٻيو مقابلو به جڙتو قرار

ڪراچي ؛ سنڌ پوليس جو هڪ ٻيو مقابلو به جڙتو قرار ڏنو ويو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جڙتو مقابلي دوران ٻن شهرين کي قتل ڪرڻ جو ڪيس پوليس پارٽي خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي ويسٽ کي ذميوار پوليس عملدارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو به حڪم، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پوليس شهري غلام شبير ۽ غلام رسول کي بيدردي سان قتل ڪيو، پوليس دعويٰ ڪئي ته مقابلي ۾ جوابدارن ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، پر واقعي واري هنڌ وٽان گولين جا رڳو 3 خول هٿ آيا، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به چيو ويو آهي ته مارجي ويلن کي 2 فُٽن جي فاصلي تان گوليون هنيون ويون، ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ پوليس جڙتو مقابلي ۾ ٻن شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔