ملڪ مان منشيات جي خاتمي لاءِ مهم هلائينداسين،وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منشيات جي خاتمي لاءِ مهم هلائينداسين.

وزيراعظم عمران خان اينٽي نارڪوٽڪس فورس  جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي منشيات فروشي خلاف ڪم ڪرڻو پوندو ، ان کان اڳ منشيات جي خاتمي بابت اپائن تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي .

هن چيو ته 80 جي ڏهاڪي ۾ جنهن منشيات مان پيسو ٺاهيو ان کي غلط سمجهو ئي نه ويو ۽ منشيات مان پيسو ٺاهيندڙن  معاشري ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته منشيات مان پيسو ٺاهيندڙن رشوت ، چونڊ مهم ۽ ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ ۾ استعمال ڪيو ، معاشري ۾ منشيات ناسور آهي ۽ ان جو نقصان گهر کان وٺي ملڪ تائين وڃي ٿو .

هن چيو ته پاڪستان ۾ 70 لک ماڻهو منشيات جا عادي بڻجي چڪا آهن جڏهن ته منشيات مان پيسو ٺاهيندڙ معاشري ۾ قابل قبول هوندو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔