ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ ڪورونا وائرس جو شڪار، اسپتال منتقل

ڪراچي: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران سنڌ پوليس جي متاثر اهلڪارن جي انگ ۾ به تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. 

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل 247 ٽيسٽن مان 12 پوليس اهلڪارن جي ڪورونا وائرس رپورٽ هاڪاري آئي آهي جنهن کان پوءِ هينئر تائين 3753 پوليس آفيسر ۽ جوان ڪورونا  وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن جنهن مان 3486 صحتياب ٿيا.

سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ايس پي)، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ڊي ايس پي) ۽ انسپيڪٽر سميت 20 پوليس  کاتي جا ملازم فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 247 پوليس جا ملازم اڃان به هن عالمي وبا سبب متاثر آهن جن مان  ڪيترائي پنهنجي گهرن ۾ آئسوليٽ آهن يا مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

پوليس ذريعن موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر مختلف عهدن تي پوليس آفيسرن مان هڪ سينئر پوليس آفيسر ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل(ڊي آءِ جي) پوليس آصف اعجاز شيخ به شامل آهي.

آصف اعجاز شيخ ڪلفٽن جي هڪ خانگي اسپتال ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي واري وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي. جتي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي.

آصف اعجاز شيخ جي گهر ڀاتين سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔