ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ لاهور جي وڏين اسپتالن ۾ هنگامي الرٽ جاري

لاهور: پنجاب جي صحت کاتي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب لاهور جي وڏين اسپتالن کي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  ۾ ايڪسپو فيلڊ اسپتال کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  نوٽيفڪيشن ۾ لکيو ويو آهي ته ايڪسپو سينٽر جو هال نمبر 2 ڪورونا مريضن جي لاءِ فوري طور تي فعال ڪيو وڃي.

آڪسيجن جي گهٽتائي کي منهن ڏيندڙ مريض فيلڊ اسپتال ۾ داخل ٿيندا. لاهور جي 4 وڏين اسپتالن کي هاءِ ڊيپنڊنسي يونٽس ۽ آءِ سي يو فعال رکڻ جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن.

نوٽيفڪيشن موجب ميو اسپتال، سروسز اسپتال، جناح اسپتال ۽ لاهور جي جنرل اسپتال کي ڪورونا ڪيسن جي لاء تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔