نيب مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ ۾ تيزي آڻي ڇڏي

اسلام آباد: جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي ۽ مبينا ڪرپشن جِي جاچ ۾ نيب تيزي آڻي ڇڏي. نيب خيبرپختونخوا ٻن ڄڻن کي طلب ڪري ورتو. نيب موجب گل اصغر ۽ نور اصغر کي 10 ڊسمبر تي نيب پشاور جِي آفيس سڏايو ويو آهي. نيب دعويٰ ڪئي آهي ته انڪوائري دوران انڪشاف ٿيو ته ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن وٽ اهم ثبوت آهن، پيش نه ٿيا ته قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، گل اصغر ۽ نور اصغر جو واسطو ڊيرا اسماعيل سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔