لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد ڪيو ويو

لاهور :لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد ڪيو ويو ، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي وٺي وڃڻ لاءِ به گاڏيون جيل ٻاهران موجود، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جو مڙهه لنڊن ۾ جنازي نماز بعد پاڪستان اُماڻيو ويندو، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لاهور ۾ انتظاميا طرفان بيگم شميم اختر جي جنازي نماز بابت اڃا تائين اجازت ناهي ڏني وئي، مريم نواز طئه ٿيل پروگرام موجب جلسي ۾ شرڪت ڪندي، حڪومت ڪورونا جو جواز ڄاڻائي اپوزيشن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ملتان ۾ ڪنهن ليڊر کي ڪجهه به ٿيو ته عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔