ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي مقرري وارو معاملو، سيمي جمالي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

ڪراچي: جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي مبينا غيرقانوني مقرري وارو مامرو عدالت پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاق صوبائي حڪومت، سيڪريٽري صحت، جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيسز جاري، 4 هفتن ۾ جواب طلب، درخواستگذار ايڊووڪيٽ زبير راجپوت موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم جناح اسپتال جا انتظام وفاق حوالي ڪيا هئا، عدالتي فيصلي کانپوءِ سنڌ سرڪار جناح اسپتال جي مامرن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، سيمي جمالي ۽ سيڪريٽري صحت ملي ڀڳت ڪري ٻهراڙي وارن علائقن جي ڊاڪٽرز کي جناح اسپتال ۾ مقرر ڪيو آهي، جناح اسپتال ۾ مبينا غيرقانوني طور مقرر ڊاڪٽرز کي واپس اُماڻڻ لاءِ حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔