سامونڊي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ مصطفيٰ ڪمال، افتخار قائمخاني ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي : ڪراچي ۾ ساحلي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ مصطفيٰ ڪمال، افتخار قائمخاني ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪيو ويو، عدالت شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بلدياتي ادارن تي ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي، نام نهاد حڪمرانن اختيارن جي هيٺئين سطح تائين منتقلي کي نظراندز ڪري ڇڏيو، وزيراعظم يوٽرن نه وٺي ۽ پنهنجي اعلانن تي عمل ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔