ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ تيز رفتار آئل ٽينڪر گهر ۾ ڪاهي پيو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ فيز 2 سائوٿ سرڪل ايونيو ۾ تيز رفتار آئل ٽينڪر گهر ۾ ڪاهي پيو.

تيز رفتار آئل ٽينڪر جي گهر ۾ ڪاهي پوڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرعام تي اچي وئي آهي جنهن ۾ آئل ٽينڪر کي گرين بيلٽ ٽوڙيندي ڏسي سگهجي ٿو.

گهر ۾ ڪاهي پيل آئل ٽينڪر گهر ۾ تباهي مچائي ڏني پر خوشقسمتيءَ سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

لاڳاپيل عملدار واقعي واري جاءِ تي پهچي ٽينڪر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔