اداري جي بهتري لاءِ ٿيندڙ فيصلن تي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: ڊاڪٽر انيله عطاءُالرحمان

لاڙڪاڻو: شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيله عطاءُالريحمان جي صدارت هيٺ سيلف انسٽيٽيوشنل پرفارمنس ايووليشن(آءِ پي اي) جو اهم اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا. اجلاس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ميڊيسن اينڊ الائيڊ سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر حاڪم علي ابڙو بيسڪ ميڊيڪل سائنسز  فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر صفدر علي شيخ، رجسٽرار کيو رام ڍوليا، ڪميونٽي اينڊ پبلڪ هيلٿ سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر سعيد احمد شيخ ۽ ڊائريڪٽر ڪيو اي سي التمش شيراز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ پي اي جي سلسلي ۾ ڪميٽي پاران پيش ڪيل سفارشن ۽ فائنڊنگ تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾  ٻن ڪميٽين پاران آءِ پي اي جي سلسلي ۾ جوڙيل ڌار ڌار 10 نقاطي ۽ 18 نقاطي فائنڊنگ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڇ اي سي پاران ڪجهه ڏينهن جي اندر ٿيندڙ وزٽ جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون وينديون ۽ ان کان اڳ آءِ پي اي جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيله عطاءُالرحمان چيو ته يونيورسٽي اندر تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون  ڪيون پيون وڃن ۽ يونيورسٽي کي هڪ مثالي ادارو بنايو ويو آهي.

ڊاڪٽر انيله عطاءُالرحمان واضح هدايتون ڏيندي چيو ته اداري جي بهتري لاءِ ٿيندڙ فيصلن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو.  ٻئي طرف ان اجلاس کان اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيررسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيله عطاءُالرحمان پوسٽ گريجوئيٽ اسٽوڊنٽس شعبي جي ڊائريڪٽر ۽ ڪنٽرولر سان به اهم گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي دوران ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ امتحانن جي حوالي سان به اهم فيصلا ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔