عوام جي حقن جون ڀڃڪڙيون ٿيڻ نه ڏينداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ ڪي پي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران اٽارني جنرل، اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ڪي پي حڪومت طرفان شق39 ۽41بابت رپورٽ پيش، عدالت طرفان بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ چيو ته 14مهينا گذريل ويا، بلدياتي چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عوام جي حقن جون ڀڃڪڙيون ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ ۾ هر طرف وي آئي پي ڪلچر جي تحت روٽ لڳل هوندا آهن، ڇا اهڙي هوندي آهي رياست مدينا؟ هر طرف مشين گنز لڳل نظر اينديون آهن، ڪجهه ٿيو ته عوام تي هلنديون، عدالت جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊون نه ڪرائي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔