نواز شريف ۽ مريم نواز شريف ادارن خلاف ڳالهائي گلگت بلتستان اليڪشن ۾ عمران خان جي مدد ڪئي:شيخ رشيد

اسلام آباد: نواز شريف ۽ مريم نواز شريف ادارن خلاف ڳالهائي گلگت بلتستان اليڪشن ۾ عمران خان جي مدد ڪئي، گلگت اليڪشن ۾ جمهوريت جي سوڀ ٿي آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ سمجهه هجي ها ته اليڪشن کان اڳ اتحاد ڪري وٺن ها، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس، شيخ رشيد چيو ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ گلگت جهڙي صاف ۽ شفاف اليڪشن ناهي ڏٺي، مريم نواز ۽ نواز شريف ادارن خلاف ڳالهائيندا رهيا، عوام سندن بيانيو رد ڪري ڇڏيو، آصف زرداري سٺي پلاننگ ڪئي، شيخ رشيد چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي سڀاڻي کان شروع ڪري رهيا آهيون، پپريءَ کان سٽي اسٽيشن تائين ٽرين هلندي، اسان 8 مهينن ۾ ٽرئڪس ٺاهي ڇڏيا آهن، هاڻ انڊر پاس ٺاهڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔