گوگل ميپس ۾ ڪورونا جي حوالي سان وڌيڪ ٽولز جو اضافو

نيويارڪ: سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ اضافو ٿيندي ڏسي گوگل سندس مشهور ميپس ايپ ۾ نئين فيچرز جو اضافو ڪيو آهي.
هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گوگل ۾ هڪ نئين ڪووڊ ليئر جو اضافو ڪيو ويو هو ته جيئن واهپيدار ڪنهن به علائقي ۾ ان بيماري جي ڪيسن جي انگ بابت بهتر طريقي سان ڄاڻي سگهي.
واهپيدار ان فيچر کي ان ايبل ڪرڻ بعد هڪ ڪلر ڪوڊ نقشو ڏسي سگهندا جيڪو هر هڪ لک ماڻهن ۾ ڪيسن جي انگن اکر ظاهر ڪندو.
اهڙيءَ طرح ان ڪلر ڪوڊڊ نقشي ۾ اهڙا به لينلز به هوندا جيڪي ٻڌائيندا ته ان علائقي ۾ ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي يا گهٽجي رهيا آهن.
هاڻ ان فيچر کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ وڌيڪ تفصيل جيئن ڪنهن علائقي ۾ سڃاڻپ ٿيندڙ سمورا ڪيس، مقامي گائيڊ لائنز ۽ ٽيسٽنگ سائنس جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
گوگل پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ماڻهن جي ميڙ جي حوالي سان لائيو اپ ڊيٽس به ڏنيون وينديون ته جيئن وبا دوران ماڻهو ميڙ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندا.
ان فيچر تحت واهپيدارن کي بس، ٽرين ۽ ٽرانزٽ اسٽيشنز ۾ ميڙ جا تفصيل ملي سگهندا ۽ ان لاءِ واهپيدار کان ئي مدد ورتي ويندي جيڪو ريئل ٽائم ۾ تفصيل ان ۾ لکندو.
گوگل موجب هڪ ٻيو فيچر فوڊ ڊليوري ٽريڪنگ جو متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت واهپيدار ميپس جي مدد سان ڄاڻي سگهندا ته ماني ڪهڙي وقت پهچندي ۽ ڊليوري فيس ڪيتري هوندي، هي فيچر في الحال ڪجهه ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔