ڪراچي سرڪلر ريلوي 16 نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: ڪراچي سرڪلر ريلوي 16 نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڊي ايس ريلوي ڪي سي آر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته 16نومبر تي پپري کان اورنگي تائين ٽرين هلندي، پپري-اورنگي ٽريڪ تي 60 ڪلوميٽرز فاصلي تائين ٽرينز هلنديون، پپري کان اورنگي تائين 4 ٽرينز مختص ڪيون ويون، ٽرينز ٽن ڪلاڪن بعد اپ ۽ ڊائون ٽريڪ تي هلنديون، صبح 7 وڳي اورنگي ريلوي اسٽيشن کان پهرين ٽرين رواني ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔