ريلوي کاتي پاران موهن جو دڙو ايڪسپريس 10 نومبر کان هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي :ريلوي کاتي موهن جو دڙو ايڪسپريس 10 نومبر کان هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته موهن جو دڙو ايڪسپريس کي ڪوٽڙي کان روهڙي تائين هلايو ويندو، مسافر کي ڪورونا کان بچاءُ جي اپائن تحت ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جي هدايت، ميرپور خاص ۾ بند ٿيل ٽرين سروس 7 مهينا گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي، ميرپور خاص ڊويزن جي ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو ٽرين جي سستَي سفر کان محروم، رهواسين طرفان ٽرين سروس جلد بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔