پاڪستان پاران جاسوسي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث وڌيڪ 2 ڀارتي قيدي آزاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جاسوسي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث وڌيڪ ٻن ڀارتي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو،ٽن ڀارتي قيدين جي آزادي لاءِ داخل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته وڌيڪ ٻن ڀارتي قيدين کي ڀارت موڪليو ويو آهي.هڪ ڀارتي قيدي جي سيڪيورٽي ڪليئرنس ۽ ان جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ڀارتي قيدي جو ڪيس به ڪلڀوشن جي ڪيس سان گڏ ٻڌو ويندو،جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو ته مختلف ڪيس آهي،ان ڪيس جو قيدي جي معاملي سان ڪوبه واسطو ناهي؟ چيف جسٽس چيو ته هي اهي قيدي آهن، جن کي فوجي عدالت مان سزا ملي هئي ۽ اها هو پوري ڪري چڪا آهن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔