چاهيون ٿا ته آمريڪا ڀارت جَي معاملي ۾ پاڪستان سان برابري جو رويو اختيار ڪرَي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : اسان چاهيون ٿا ته امريڪا ڀارت جَي معاملي ۾ پاڪستان سان برابري جو رويو اختيار ڪرَي، امريڪا جو خيال آهي ته ڪشمير جَي تڪرار تي ڀارت چين کي روڪَي سگهي ٿو، اُهو هڪ ناقص خيال آهي، وزيراعظم عمران خان جرمن مئگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت پاڙيسرِي ملڪن پاڪستان، چين، بنگلاديش ۽ سريلنڪا لاءِ خطرو آهي، ننڍَي کَنڊ ۾ ڀارتي حڪومت سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند ۽ نسل پرست آهي، جيڪا نازيُن مان متاثر فاشِسٽ حڪومت آهي، وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا دوران غريبن جِي پريشانين کي نظر ۾ رکندَي ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو، اميد آهي ته ڪورونا جِي نئين لهر مان به ڪاميابي سان نڪري وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔