جرمني ۾ ڪورونا جا رڪارڊ يارنهن هزار ڪيس سامهون اچي ويا

جرمني: جرمني ۾ عالمي وبا جي شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو گذريل 24 ڪلاڪن دوران 287 رڪارڊ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.جرمني جي رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ آر جي آءِ جي رپورٽ موجب هي پهريون موقعو آهي جڏهن جرمني ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جا 10 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. يورپ جي ٻين ملڪن جيان جرمني به هن وقت ڪورونا وائرس جي ٻئي جي لپيٽ ۾ آهي.گذريل ڏينهن جرمني ۾ هڪ ڏينهن ۾ 780 کان وڌيڪ نوان ڪيس درج ڪيا ويا آهن. ڪورونا 19 جي ڪيسن ۾ تيزي اچڻ سبب جرمن اختيارين عوامي مصروفيتن تي سخت قدم کڻڻ تي مجبور آهي ته جيئن هن وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. ٻئي طرف جرمن چانسلر انجيلا مرڪل شهرين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو سماجي وٿي کي اختيار ڪن.انجيلا مرڪل پنهنجي بيان ۾ عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته سياري جي موسم ڪيئن رهندي؟ ڪرسمڪس ڪيئن هوندو اهو فيصلو ايندڙ ڏينهن ۽ هفتن ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔