ڪراچيءَ ۾ مزارِ قائد اندر نعريبازي ڪرڻ تي نواز ليگ اڳواڻ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر گرفتار

ڪراچي :ڪراچيءَ ۾ مزارِ قائد اندر نعريبازي ڪرڻ تي نواز ليگ اڳواڻ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو ، پوليس نجي هوٽل تي ڇاپو هڻي رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو، مريم نواز چيو آهي ته هو ۽ سندس مڙس ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ ترسيل هئا ته پوليس ڪمري جو دَر ٽوڙي اندر آئي، جنهن بعد رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر خلاف برگيڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو، کيس گرفتار ڪري عزيز ڀٽي ٿاڻي تي رکيو ويو آهي، ليگي اڳواڻ کي مزارِ قائد جو تقدس پائمال ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان، گذريل ڏينهن مريم نواز ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ مزارِ قائد تي حاضري ڀري هئي، جنهن دوران رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر مزار اندر ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا هئا، ڪيس ۾ مريم نواز سوڌو 200 کان وڌيڪ ليگي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به جوابدار طور نامزد ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري تي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي اڳيان ليگي ڪارڪنن جو ڌرڻو، پوليس خلاف نعريبازي، اڳواڻن کي ٿاڻي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملڻ تي ليگي اڳواڻن ۽ اهلڪارن ۾ منهن ماري پڻ ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔