ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ رانديگرن کي ويزه جاري ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي: وسيم خان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته 2021 ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ پاڪستاني رانديگرن کي ويزه جاري ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي. پي سي بي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته اميد آهي ته ڀارت پاڪستاني رانديگرن کي ويزه جاري ڪندو ۽ جنوري ۾ اسان کي خبر به پئجي ويندي. هن چيو ته ڀارت سان گڏيل سيريز ايندڙ 4 سالن تائين نٿي ٿي سگهي. ڀارت مان ٿيندڙ راند اسان جي اختيار ۾ ناهي.اهو فيصلو ڀارت کي ڪرڻو آهي. ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا سبب هاڻ نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿي چڪو آهي. 2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شيڊول آهي پر اڃان تائين آءِ سي سي طرفان 22-2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو اعلان نه ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔