اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته قائم علي شاهه تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڪاليج جي زمين پرائيويٽ پارٽيءَ کي ڏيڻ جو الزام آهي، سندس خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڻ کي جمهوريت سڏائيندڙ وزيراعظم ڪو به جمهوري ڪم نه ڪري رهيو آهي، سڀني ڏٺو ته گجرانوالا ۾ جلسي کان اڳ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي دوران عوامي سمنڊ اُٿلندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔