پاڻ کي جمهوريت سڏيندڙ وزيراعظم کي عوام جون تڪليفون نظر نٿيون اچن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : بجلي ۽ تيل جا اگهه بيرحمي سان وڌڻ جي نتيجي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، سنڌ سرڪار صوبي ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بجلي ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سڌو اثر عام واهپي جي شين تي پوندو آهي، اٽو، چانور، ٽماٽا ۽ داليون مهانگيون ٿيڻ سان غريب ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني کسجي وئي آهي، وفاقي سرڪار جي نااهلي سبب مارڪيٽ ۾ اٽو ناياب ٿي ويو آهي، پاڻ کي جمهوريت سڏيندڙ وزيراعظم کي عوام جون تڪليفون نظر نٿيون اچن، وزيراعظم کي پنهنجي ذاتي کانسواءِ ٻي ڪابه شئي نظر نه اچي رهي آهي، پنجاب حڪومت هيل تائين ڪڻڪ تي 5 ارب رُپيا سبسڊي ڏني آهي، سنڌ سرڪار هڪ رُپيو به سبسڊي ناهي ڏني، هڪ پاسي وفاقي حڪومت چوي ٿي ته ٻيٽ اسان جي ملڪيت آهن، ٻئي پاسي چون ٿا ته سنڌ سرڪار اين او سي ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔