ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 شهري موت جو کاڄ ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 6 هزار 588 ٿي ويو . نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ملڪ ۾ 530 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ متاثرين جو تعداد  3 لک 19 هزار 848 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 651 ٿي ويو، جڏهن هينئر تائين 3 لک 4 هزار 609 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔