معدي ۾ انفيڪشن سبب ڪرس گيل دبئي جي اسپتال ۾ داخل

دبئي: ويسٽ انڊيز جو رانديگر ڪرس گيل معدي ۾ انفيڪشن سبب متحده عرب امارات جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي پر اتي به هو پنهنجي دلچسپ حرڪتن کان باز ناهي آيو.گيل پنهنجي آئي پي ايل ٽيم ڪنگز اليون پنجاب طرفان هلندڙ سيزن ۾ اڃان تائين هڪ ميچ ناهي کيڏيو. گذريل هفتي ڪوچ انيل ڪمبلي چيو هو ته گيل معدي ۾ انفيڪشن سبب علاج هيٺ آهي.جنهن کان پوءِ ڪرس گيل پنهنجي هڪ تصوير انسٽاگرام تي جاري ڪئي جنهن سان گڏ هن لکيو آهي ته مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان ڪڏهن به همت نه هاريندس، مان يونيورس باس آهيان ۽ هي شيءَ ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي. اوهان مون کان سکي سگهو ٿا پر اهو به ضروري ناهي ته اوهان اهو هر ڪم ڪريو جيڪو مان ڪريان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔