شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي وي سي لاءِ ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو جي مقرري لاءِ منظوري

ڪراچي : سنڌ سرڪار شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي وي سي لاءِ ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو جي مقرري لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي. يونيورسٽي جي وي سي لاءِ سرچ ڪاميٽي پاران ٽن نالن جي سفارش ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش جمالي، ڊاڪٽي خليل احمد ابوپوٽو ۽ سرفراز سولنگي جي نالن واري سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي هئي. ذريعن موجب وڏي وزير ٽنهي اميدوارن جا انٽرويو ڪيا هئا. جنهن بعد وڏي وزير مراد علي شاهه ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو کي وي سي طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔