وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد : وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ 29 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 16 نڪاتي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيندو، جنهن ۾ بجلي شعبي ۾ سڌارن، ايف آءِ اي جي دائري ۾ ايندڙ ڏوهن۾ نوان قانون آڻڻ، ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي قيام جي منظوري، ريلوي جي بحالي جي پلان، پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ ۽ انڊسٽريل ريسرچ جي چيئرمين جي مقرري، جڏهن ته ارسا پاران ٽيليميٽري سسٽم اڳيان رڪاوٽون وجهڻ ۽ ٻين مامرن تي منظوري لاءِ غور ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔