آءِ سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪوهلي پهرين ۽ بابر اعظم جي ٽئين پوزيشن

لاهور: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نئين رينڪنگ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو پهريون نمبر برقرار آهي. جڏهن ته پاڪستان جي ون ڊي ڪپتان بابر اعظم جو ٽيون نمبر آهي.انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ون ڊي سيريز کان پوءِ آءِ سي سي رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. تازي رينڪنگ موجب بيٽسمينن جي لسٽ ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهلي جو پهريون نمبر برقرار آهي جڏهن ته ڀارت جو ئي روهت شرما ٻيون ۽ پاڪستان جو بابر اعظم ٽئين نمبر تي آهي. ٽاپ ٽين رانديگرن جي لسٽ ۾ بابر اعظم جي سواءِ ڪوبه پاڪستاني رانديگر شامل نه ٿي سگهيو آهي ۽ امام الحق 11هين ۽ فخر زمان 15هين نمبر تي موجود آهي.بالرن جي ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ جو پهريون ۽ ڀارت جي جسپريت بهمرا جو ٻيون نمبر آهي جڏهن ته ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو ڪرس ووڪس ستين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو محمد عامر هڪ درجو هيٺ وڃڻ کان پوءِ ستين نمبر تي اچي ويو آهي.آل رائونڊر جي رينڪنگ ۾ افغانستان جي محمد نبي جو پهريون جڏهن ته انگلينڊ جي ڪرس ووڪس ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي. آل رائونڊر جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو عماد وسيم لاڳيتو ٽئين نمبر تي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔