سنڌ سرڪارپاران امتياز شيخ مٿان لڳايل سنگين الزام رد، جاچ رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

ڪراچي : سنڌ سرڪار صوبائي وزير امتياز شيخ مٿان ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ ۾ لڳايل سنگين الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، اي جي سنڌ جاچ رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ طرفان جُڙيل جاچ ڪميٽي کي امتياز شيخ خلاف ثبوت نه مليا آهن، اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان ڏوهارين خلاف رڪارڊ موجود هجڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته ٻڌايو وڃي ته صوبائي وزير خلاف جاچ رپورٽ درخواستن کي ڪيئن هٿ آئي؟ عدالت درخواستگذار کي حڪومتي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي امتياز شيخ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔