زهره سياري تي زندگيءَ لاءِ ضروري گيس ملي وئي

هوائي،آمريڪا: زمين جي پاڙيسري سياري کي ڊگهي وقت تائين زندگيءَ لاءِ بهتر نه پئي سمجهيو ويو پر هاڻ ان جي گهاٽن ڪڪرن ۾ هڪ اهم گيس جا آثار مليا آهن جيڪي زندگيءَ جي علامت ٿي سگهن ٿا.
هي سيارو ايترو گرم آهي جو ان کي هاٽ هائوس به چوندا آهن ۽ ان تي تيزابي برسات پئي وسندي آهي، ان ڏس ۾ هوائي ۽ چلي ۾ واقع دوربينن زهره(وينس) جي گهاٽن ڪڪرن ۾ فاسفين گيس جا آثار ڏٺا ويا آهن، فاسفين گيس يا ته تجربي گاهه ۾ ٺاهي ويندي آهي يا وري ڪجهه جانورن جو به حصو هوندو آهي.
ياد رهي ته فاسفين گيس (ماليڪيول) فاسفورس جو هڪ ٻئي هائڊروجن جي ٽن ايٽمن سان ملي ٺهي ٿي.
سومر جي ڏينهن نيچر ۾ شايع هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته توڙي جو اها هڪ اهم دريافت آهي پر ان کي ڪنهن سياري تي حتمي زندگي جي نشاني نٿو سمجهي سگهجي، فلڪيات جي ماهرن اسان جي نظام شمسي ۽ ان کان ٻاهر زندگي جي ڳولا ۾ اهڙن ڪيميائي جزن کي ٿا ڳولين جيڪي زندگي سان لاڳاپيل هوندا آهن جن کي بايوسنگنيچر چوندا آهن.
ان تحقيق سان لاڳاپيل ليکڪه ساره سيگر چوي ٿي ته اسان آتش فشائي عمل، کنوڻ ٿيڻ ۽ ننڍن شهابين سميت سمورين ڳالهين تي غور ڪيو پر ان ۾ ڪو به عمل فاسفين جو ايڏو وڏو مقدار نٿو ٺاهي سگهي، ياد رهي ته زهره سياري تي پاڻي ۾ ناهي ۽ سطح جو حرارتي درجو 425 سينٽي گريد تائين آهي، اهوئي سبب آهي جو ان کي نظام شمسي جو جهنم به چوندا آهن.
زهره سياري کان 50 ڪلوميٽر جي اوچائي تي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڪڪرن جي ٿلهي چادر آهي جنهن ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا ٿي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔