سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هلندڙ سال سياري جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ تعليمي سال دوران سياري جون موڪلون نه ٿي سگهنديون. 

سعيد غني چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي کآن پوءِ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ اسڪولز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي آهي.

هن چيو ته جيڪي اسڪول آن لائن تعليم ڏيڻ چاهين ٿا اهي  هن سلسلي کي جاري رکي سگهن ٿا. اسڪولن ۾ ٻارن کي سيٽن تي ويهارڻ جو فيصلو  اسڪول انتظاميه تي ڇڏي ڏنو آهي.

صوبائي وزير چيو ته اسڪول کولڻ سمورن ڪاروبارن کولڻ کان وڌيڪ حساس آهي. زبردستي جي ڳالهه نه آهي جيڪي والدين مطمئن ٿين اهي ٻارن کي اسڪول موڪلين. جڏهن ته ڇنڇر واري ڏينهن جي موڪل به ختم ڪئي وئي آهي. هڪ ڏينهن هڪڙو ڪلاس، ٻئي ڏينهن ٻئي درجي جي شاگردن کي گهرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔