وزيراعظم موٽر وي تي عورت سان اجتماعي لڄالٽ ۽ مروا جي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان ڪراچي ۾ ننڍڙي مروه سان زيادتي ۽ قتل جڏهن ته لاهور موٽر وي تي عورت سان اجتماعي زيادتي جي افسوس جوڳن واقعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان سان وفاقي وزير فيصل واوڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. فيصل واوڊا ڪراچي ۾ ننڍڙي مروا سان جنسي زيادتي ۽ قتل جڏهن ته گذريل رات موٽر وي تي عورت سان پيش آيو معاملو کنيو .

وزير اعظم عمران خان ٻنهي واقعن جو نوٽيس وٺندي چيو ته مهذب معاشرن ۾ اهڙا واقعا انتهائي شرم جوڳا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

فيصل واوڊا وزير اعظم کان زيادتي جي ڏوهارين کي ڦاهي ڏيڻ وارو قانون آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جنسي درندگي ڪندڙ کي ڦاهي ڏئي عبرت جو نشان بڻايو.

وزير اعظم ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيارڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔