توشه خانه ريفرنس: آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني مٿان فرد جرم لاڳو، نوازشريف اشتهاري قرار

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني مٿان فرد جرم لاڳو ڪري نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جي سربراهي ۾ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جوابدار جي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيا. پر اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش نه ٿيو جنهن تي جج اصغر علي چيو ته پهريان نوازشريف جو ڪيس ڌار ڪنداسين پوءِ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين.

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج چيو ته آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني  مٿان فرد جرم لاڳو ڪريون ٿا. جج اصغر علي فاروق ايڇ نائيڪ سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان کي جيڪڏهن چارج شيٽ پڙهڻي آهي ته پڙهي وٺو. ان موقعي تي وڪيل صفائي چيو ته وزيراعظم وٽ اختيار هوندو آهي ته سمري جي منظوري ڏي. نيب اختيارن جي غلط استعمال جو غلط ريفرنس ٺاهيو.

عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. يوسف رضا گيلاني پاڻ روسٽم تي آيو ۽ فرد جرم تي اعتراض اٿاريندي چيو ته مون ڪڏهن به رولز جي خلاف ڪوبه ڪم ناهي ڪيو. قانون موجب جيڪا سمري آئي ان کي منظور ڪيو. جيڪڏهن سمري غلط  هئي ته اها مون تائين ڪيئن پهتي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت اشتهاري قرار ڏنو ۽ ان جا دائمي گرفتاري  وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت چيو ته 7  ڏينهن ۾ نوازشريف جي جائز ۽ ناجائز ملڪيت جا تفصيل پيش ڪيا وڃن  جڏهن ته سندس غير حاضري سبب سندس ملڪيتون منجمند ڪيون وڃن. توشه خانه ريفرنس ۾ عدالت عبدالغني مجيد، انور مجيد مٿان به فرد جرم لاڳو ڪئي پر ان به ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي عدالت نيب جي گواهن وقارالحسن شاهه، زهير صديقي ۽ عمران ظفر کي 24 سيپٽمبر تي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوٰءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي آصف زرداري چيو ته مان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي. هر ڀيري سرخرو ٿيو آهيان هن ڀير يبه سرخرو ٿيندس. نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته نوازشريف پاڻ ذميوار آهي. ائين ته ٿيندو آهي اهڙن ڪمن ۾. شهباز شريف طرفان روڊن تي گهلڻ بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته سياست ۾ ڪڏهن به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔