پاڪستان ڄائو انگلش ڪرڪيٽر به نسل پرستي جو شڪار

ڪراچي: انگلينڊ انڊر 19 ۽ يارڪ شائر جي ڪپتان عظيم رفيق دعويٰ ڪئي آهي ته انگلينڊ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ دوران کيس نسل پرستي کي منهن ڏيڻو پيو.
عظيم جي ڪٽنب جو تعلق ڪراچي سان آهي هو ڊس ايبل ڪرڪيٽ جي روح روان سليم ڪريم جو ڀاڻج آهي.
عظيم رفيق موجب کيس انگلينڊ ۾ راند دوران هميشه اوپرو سمجهيو ويو مينيجمينٽ طرفان نسل پرستاڻي رويي کي نظرانداز ڪرڻ سبب هن جو انسانيت تان اعتبار کڄي ويو هو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب عظيم رفيق جو چوڻ آهي ته مونکي ڪلب ۾ نسل پرستي ۽ بدترين ماحول کي منهن ڏيڻو پيو، تنهن ڪري هن ٻين کي تڪلين مان جان ڇڏائڻ لاءِ هن حساس معاملي تي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔