سوات ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي ،مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

سوات: خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ برساتن سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر سوات جو چوڻ آهي ته سوات درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ سروي ڪيو پيو وڃي.

بحرين جي هنڌ تي درال خوڙ ۾ به پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽٽائي آئي آهي جڏهن ته ڪالام بحرين روڊ به ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي سوات ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اڄ به کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔