ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا

ڪراچي: ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي اعلان کان پوءِ لياقت آباد، ايف سي ايريا ۾ گهر خالي ڪرڻ جي اعلانن تي علائقي جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو.

ڊي سي سينٽرل صبح ستين وڳي  تائين گهر خالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن جي خلاف علائقي جي ماڻهن مظاهرو ڪيو ۽ ناظم آباد ۽ لياقت آباد جي وچ ۾ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

پوليس ۽ سنڌ حڪومت بعد ۾ واضح ڪيو ته آپريشن رهائشي نه پر ڪمرشل حددخلين جي خلاف ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي. احتجاج شروع ٿيندي ئي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب واضح ڪيو ته ڪنهن جو  به گهر نه ڪيرايو ويندو. آپريشن ڪمرشل  حددخلين جي خلاف ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ لياقت آباد، ايف سي ايريا ۾ علائقي جي رهواسين کي گهر خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ جي معاملي تي سياسي پارٽين  ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالن جي ڀرپاسي ۽ ٻئي سرڪاري ملڪيت تي رهائش اختيار ڪندڙ عوام کي ٻئي جڳهه ڏيڻ رياست جو فرض آهي. ترجمان چيو ته جهڙي طرح لياري ايڪسپريس وي جي تعمير کان اڳ به متاثرين کي متبادل جڳهه فراهم ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح نالن جي ڀرپاسي ۾ رهائش اختيار ڪندڙ خاندانن کي بي گهر ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ انهن کي متبادل جڳهه ڏيڻ کان پوءِ ئي تعميرات ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان بحالي ڪميٽي جي ڊاڪٽر فاروق ستار گجر نالي جي ڀرپاسي ۾ آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن اڳواٽ نوٽيس جي ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جا حڪم انهن سان زيادتي جي برابر آهي. فاروق ستار چيو ته حڪومت  سمورن ضلعن ۾ حددخلين خلاف آپريشن کي يقيني بنائي پر حددخليون هٽائڻ کان اڳ علائقي جي رهواسي کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن.

پاڪ سرزمين پارٽي جي ترجمان به ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ گهر ڪيرائڻ جي مبينه اعلانن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙن اعلانن کي  ڪراچي جي خلاف سازش سمجهون ٿا ۽ سنڌ حڪومت نالن جي ڀرپاسي غيرقانوني آباد خاندانن کي 3 مختلف علائقن ۾ 100 گز زمين ۽ هڪ لک روپيه فراهم ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔