گورنر عمران اسماعيل جو وفاقي وزيرعمر ايوب ۽ شهزاد قاسم سان رابطو

ڪراچي : گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران وفاقي وزير عمر ايوب ۽ شهزاد قاسم سان رابطو ڪيو ويو، ڪراچي ۾ برسات جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سان به فون تي رابطو ڪيو، گورنر سنڌ عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن کان بجلي بندش سمجهه کان ٻاهر آهي، بجلي بحالي يقيني بڻائي وڃي، عمر ايوب جو چوڻ هو ته بجلي بندش سبب شهري پريشان آهن، ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي بحاليءَ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔